پريم مالا

پريم مالا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڪوڙيمل کلناڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن جي قيمت 6 پايون ڄاڻايل آهي. قيصريه پريس حيدرآباد، سال 1900ع ۾ ڇپايو. هن نالي سان ٻيو هڪ ڪتاب واڌومل پهلاج رام آڏواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 108 صفحا آهن. ڇاپو پهريون، ليکڪ ڪوههِ نُور پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1937ع ۾ ڇپايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو